والاريل ڪشمير ۾ هندو ياترين جي بس تي فائرنگ، 10 ڄڻا مارجي ويا، 33 زخمي

مظفرآباد: والاريل جمون ڪشمير ۾ نامعلوم هٿياربندن جي هندو ياترين جي بس تي فائرنگ سبب 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 33 زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪشمير پوليس ٻڌايو آهي ته مذڪوره واقعو رياسي ۾ آچر تي ان وقت پيش آيو جڏهن ته نئين دهلي ۾ وزيراعظم نريندر مودي ٽئين مدي جي لاءِ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي رهيو هو

ڀارتي پوليس موجب هندو ياتري رياسي ۾ واقع شيو ڪوتري مندر مان ڪاٽرا واپس وڃي رهيا هئا. ڀارتي ميڊيا موجب مقامي ڳوٺاڻن جي مدد سان پوليس رات 8:10 وڳي تائين سمورن مسافرن کي کاهي مان ٻاهر ڪڍيو. زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب واقعي کان پوءِ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ گڏيل آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔