وفاقي بجٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت پاران وفاقي بجٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ 2 جون تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ بجيٽ جون تجويزون پيش ڪيون وينديون ۽ پوءِ ان کي 12 جون تي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان 12 جون کان پهريان باقاعدگي سان بجيٽ تي بريفنگ وٺندو رهندو.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ جي مجموعي حجم ۾ 10 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ ساڍا 7 هزار ارب کان وڌيڪ وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب هلندڙ سال وفاقي بجيٽ ۾ 3 هزار ارب روپين تائين خساري جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ترقياتي بجيٽ 530 ارب روپين تائين مختص ڪرڻ جي اميد آهي، بجيٽ ۾ اڏاوتي صنعت کي خاص مراعت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ترقياتي منصوبن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 200 اب کان وڌيڪ مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ٽيڪس جو هدف ساڍا 4100 کان 4500 ارب مقرر ڪرڻ جو به امڪان آهي.

ان کان علاوه ايندڙ بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي بنيادي شين تي ٽيڪس جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي، ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۽ ڪاروباري طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ هزار ارب مختص ڪرڻ جو پڻ امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔