سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڪڙ جا حملا جاري

ڪراچي : سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ماڪڙ جا حملا جاري آهن، وونئڻ، جوئر، ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل کائي ناس ڪرڻ لڳي، ماڪڙ مار اسپري نه ٿيڻ ڪري آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا. ڄامشورو، سانگهڙ، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ آبادگارن جو ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. آبادگار پنهنجن ٻارڙن سميت ٿالهه ۽ دٻا وڄائي ۽ دونهون ڪري ماڪڙ ڀڄائڻ جي سخت ڪوششن باوجود ماڪڙ جي حملن ۾ گهٽتائي نه آئي. قاضي احمد جي يونين ڪائونسل ٺٽ ۾ زميندار محمد حنيف چانڊيو جي وونئڻ، ڪيلي، سارين جو ٻج، گاھ ۽ انبن جي باغ تي ماڪڙ حملو ڪري تباهه ڪري ڇڏيو. متاثر آبادگارن جو چوڻ آهي ته معاشي تباهيءَ جي خطري باوجود وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ماڪڙ خلاف آپريشن شروع نه ڪيو جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔