موسميات کاتي متحده عرب امارات ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

دبئي: متحده عرب امارات ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

اماراتي موسميات کاتي (نيشنل سينٽر آف ميٽرولوجي) موجب اربع جي شام کان خميس تائين تيز برساتن جو امڪان آهي. اماراتي موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته متحده عرب امارات بحيره احمر کان سطح گهٽ دٻاءُ جي واڌ سان متاثر ٿيو آهي. اوڀر جون هوائون به عرب امارات جي موسم تي اثر انداز ٿينديون.

اماراتي موسميات کاتي جي نمائندي چيو آهي ته کنوڻ سان تيز برساتن جو امڪان آهي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙا به پئجي سگهن ٿا. ان دوران تيز هوائن جي رفتار 65 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي.

ياد رهي ته متحده عرب امارات 2 هفتا اڳ به تيز برساتن سبب متاثر ٿي چڪو آهي. دبئي، شارجه ۽ ابو ظهبي سميت ٻين رياستن ۾ طوفاني برساتن ۽ ڳڙي پوڻ کان پوءِ وڏا علائقا ۽ روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويا هئا.

تيز برساتن سبب دبئي ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن به سخت متاثر ٿيو هو جڏهن ته ڪيتريون ئي اڏامون پڻ ملتوي ڪيون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔