جنسي زيادتي، فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا رد

نيويارڪ : نيويارڪ جي عدالت جنسي زيادتي جي الزام ۾ سزا مليل هالي ووڊ فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا کي رد ڪندي چيو آهي ته هاروي کي منصفانه ٽرائل نه ڪيو ويو.هاروي وائنسٽن خلاف الزام 2017 ۾ مي ٽو مهم شروع ٿيڻ کانپوءِ سامهون آيا.هاروي ٻن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو هو،هن کي 2020 ۾ نيويارڪ ۾ هڪ پروڊڪشن اسسٽنٽ کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ ۽ هڪ خواهشمند اداڪاره کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ 23 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.هاڻي نيو يارڪ ڪورٽ آف اپيلز جو چوڻ آهي ته پراسيڪيوٽر شاهد پيش ڪيا جن جا الزام هاروي جي خلاف الزامن جو حصو نه هئا.عدالت نئين ٽرائل جو حڪم ڏنو آهي، پر 72 سالن جي هاروي وائنسٽن جيل ۾ رهندو.هاروي وائنسٽن کي اطالوي ماڊل سان جنسي زيادتي جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔