اهم رانديگرن جي نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، فخر زمان

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين فخر زمان جو چوڻ آهي ته اهم رانديگر نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، اسان ڪافي غلطيون ڪيون، شروعات سٺي نه هئي،لاهور ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏيل چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فخر زمان چيو ته اسان جو مقصد ورلڊ ڪپ آهي، ان لاءِ اسان روٽيشن پاليسي اختيار ڪئي آهي، ورلڊ ڪپ به اهم آهي ۽ ان کي ٺاهڻ به ضروري آهي،فخر زمان چيو ته مون کي انتظاميا چيو هو ته مان پهرين ٽي ميچ نه کيڏندس، مون کي ۽ افتخار کي ميچ ختم ڪرڻ گهرجي ها، اسان ميچ کٽي ورتي هئي،سندس چوڻ هو ته اوس ڪو فرق نه پيو، شڪست سان اعتماد ۾ فرق اچي ويو،فخر زمان چيو ته عالمي سطح تي بي ٽيم ناهي، ڊي ٽيمون به ٽف ٽائيم ڏين ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته عثمان خان سٺو رانديگر آهي، هن پرفارم ڪيو آهي، ڪوچ عثمان خان کي پلان ڏيندا آهن، مان گهڻو نه چوندس ته هو ڊبل مائنڊ ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔