سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوارڪامياب

سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوار ڪامياب، پيپلزپارٽي 11، مسلم ليگ نواز 6 ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي وئي

پيپلزپارٽي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ٻُهاري ورتيون، 96 رڪني ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن جو انگ 24 ۽ نون ليگ ميمبرن جو انگ 19 ٿي ويو

سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جا 20 ميمبرز موجود، اسلام آباد جي ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ تي اسحاق ڊار ۽ جنرل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو راڻا محمود ڪامياب ٿيو

پنجاب اسيمبلي ۾ ٽيڪنوڪريٽس ۽ عورتن جون 2-2 سيٽون نواز ليگ کٽي ورتيون، پنجاب مان ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ ڪامياب ٿي ويو

پنجاب ۾ عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ياسمين راشد ۽ صنم جاويد هارائي ويون، خيبرپختونخواه ۾ اپوزيشن جي درخواست تي سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔