توشه خانه ڪيس، عمران ۽ بشريٰ جي سزا معطل

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي سزا معطل ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان طرفان علي ظفر دليل ڏنا،ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اپيل اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي؟ اپيل جي شروعات نه ڪنداسين، جيڪڏهن توهان چاهيو ته سزا جي معطلي لاءِ دليل ڏيو،ان تي علي ظفر چيو ته سزا معطل ڪرڻ بدران مرڪزي اپيل تي دليل ڏينداسين،چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي آهي، سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ نٿا رکي سگهون.سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جا دليل شروع ٿيڻ وارا آهن، خبر ناهي ڪيترو وقت لڳندو، توشه خانو ڪيس عيد کان پوءِ رکون ٿا،ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فيصلي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي، سزا معطلي جو ڪيس آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اهو نيب جو انتهائي ساراهه جوڳو موقف آهي،بعد ۾ عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي جي سزا معطل ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سزا خلاف اپيل تي فيصلو عيد کانپوءِ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔