مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عدليا ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ٿيندي ۽ عدليا جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس کي 26 مارچ تي خط مليو، معاملي جي سنگيني تي ان ئي ڏينهن ميٽنگ ٿي، چيف جسٽس پنهنجي رهائشگاهه تي افطار بعد 8 وڳي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت سڀني ججن شرڪت ڪئي ۽ سڀني ججن جو موقف ٻڌو ويو. اجلاس اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو. 27 مارچ تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل سان ملاقات ڪئي ۽ سينئر جج اسلام آباد بار جي صدر ۽ بار جي اسلام آباد ۾ موجود سينئر اڳواڻن سان مشاورت به ڪئي. بيان موجب 27 مارچ تي شام 4 وڳي فل ڪورٽ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڪثر ججن جي راءِ هئي ته چيف جسٽس وزيراعظم سان ملاقات ڪري. بيان موجب 28 مارچ تي 2 وڳي چيف جسٽس، سينئر جج ۽ رجسٽرار سان گڏ وزيراعظم، قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل سان ملاقات ڪئي. بيان موجب چيف جسٽس اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته عدليا م انتظاميا جي مداخلت برداشت نه ڪبي ۽ عدليا جي آزادي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سينئر جج چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ عدليا جي آزادي بنيادي ٿنڀ آهي. بيان موجب وزيراعظم چيف جسٽس ۽ سينئر جج جي راءِ سان مڪمل اتفاق ڪندي سٺي ساک واري رٽائر جج جي سربراهي ۾ جاچ ڪميشن جوڙڻ ۽ عدليا جي آزادي يقيني بنائڻ لاءِ واسطيدار اختيارين کي هدايتون جاري ڪندو. بيان موجب وزيراعظم اها به خاطري ڪرائي ته هو فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ججمينٽ جي پيراگراف نمبر 53 موجب قانون سازي شروع ڪندو. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 28 مارچ تي ٻيهر فل ڪورٽ اجلاس گهرائي سڀني ججن کي وزيراعظم سان ٿيل ڳالهين بابت آگاهي ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔