ملڪ جي مختلف شهرن ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: اڄ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

اڄوڪي ڏينهن جي شروعات وفاقي راڄڌاني ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ٿي. يوم پاڪستان جي مرڪزي تقريب شڪر پڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ جاري آهي. جتي هٿياربند فوج جا دستا پنهنجي ڀرپور طاقت ۽ نظم جو مظاهرو ڪري رهيا آهن

پاڪ فوج جي پريڊ  جو خاص مهمان صدر آصف علي زرداري  آهي جڏهن ته سعودي عرب جي دفاع واري وزير سميت پرڏيهي مهمان به شريڪ آهن. شڪر پڙيان گرائونڊ تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت سروسز چيف موجود آهن. ان کان علاوه وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ پاڪستان ۾ پرڏيهي سفير به شريڪ آهن.

تقريب ۾ پاڪ فوج جي مختلف يونٽن جي دستن سلامي پيش ڪئي. جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جديد جهاز جي ايف 17، ايف 16 ۽ ميراج جهاز فضائي مظاهرو ڪيو.

صدر آصف زرداري پريڊ جو معائنو ڪرڻ کان علاوه خطاب پڻ ڪيو. پريڊ ۾ صوبن جو خصوصي ثقافتي شو به جاري آهي ۽ فلوٽ مظاهرو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته دفاع جي شعبي ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ جديد هٿيارن جي نمائش ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه علامه اقبال جي مزار تي گارڊر جي تبديلي جي تقريب به منعقد ڪئي وئي.

فجر جي نماز کان پوءِ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون جڏهن ته ٻين مذهبن جي ماڻهن به عبادتگاهن ۾ به خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو. جڏهن ته سياسي ۽ مذهبي پارٽين طرفان يوم پاڪستان جي حوالي سان سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيا پيا وڃن ان کان علاوه ريليون پڻ ڪڍيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔