تازي طوفاني برساتن بابت تفصيلي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف تازي طوفاني برساتن جي تفصيلي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، منصوبابندي واري وزير، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ تازين برساتن سبب ٿيل نقصانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي صوبن جي سهڪار سان سروي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تازين برساتن جي متاثرن لاءِ سرڪاري امداد جي فراهمي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.هن چيو ته امداد شفاف طريقي سان عوام تائين پهچايو وڃي، گڏيل سروي ڪري امداد صرف متاثرن تائين پهچايو وڃي.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته تازي طوفاني برساتن جي متاثرن کي ڪنهن به قيمت تي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي، متاثرن جي مدد اسان جي پهرين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔