92 ورهين جي ميڊيا ٽائڪون وري مڱڻي ڪري ڇڏي

واشنگٽن: ميڊيا انڊسٽري جي بي تاج بادشاهه روپرٽ مرڊوڪ 92 ورهين جي عمر ۾ مڱڻي ڪري ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روپرٽ مرڊوڪ 67 سالن جي ماليڪيولر بائيولوجسٽ ايلينا زوخوا سان ڪجهه هفتن ۾ شادي ڪندو.

ياد رهي ته روپرٽ مرڊوڪ 4 شاديون ۽ 6 ڀيرا مڱڻيون ڪري چڪو آهي جڏهن ته هو 6 ٻارن جو پيءُ آهي.

مرڊوڪ برطانيا ۾ دي سن ۽ دي ٽائيمز اخبارن جو مالڪ آهي جڏهن ته هو آمريڪي نيوز ڪمپني فاڪس نيوز، نيويارڪ پوسٽ ۽ وال اسٽريٽ جرنل جو به مالڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔