نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شاداب جي واپسي جو امڪان

لاهور:ڪجهه رانديگرن جي واپسي جو امڪان آهي ۽ ڪجهه رانديگرن کي نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويندو.نيوزيلينڊ خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي سيريز اپريل جي وچ ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ ممڪن رانديگرن جو اعلان پي ايس ايل کانپوءِ ڪيو ويندو.ذريعن موجب شاداب خان ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه نيوزيلينڊ خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ واپسي ڪندا.شاداب خان کي نيوزيلينڊ ۾ سيريز لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو هو پر هاڻي هو فٽنس کانپوءِ پي ايس ايل ۾ بهتر آل رائونڊ پرفارمنس ڏيکاري رهيو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته حنين شاهه ۽ خواجا نفي کي به ممڪن رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ حيدر علي جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب حارث رئوف ڪلهي جي زخم ۾ مبتلا آهي جنهن سبب سندس ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته محمد نواز ۽ حسيب الله جي چونڊ به مشڪل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔