عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو عزم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف عورتن جي عالمي ڏينهن تي خصوصي پيغام جاري ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏينهن هر شعبي ۾ عورتن جي ڪاميابين جو اعتراف ڪرڻ جو ڏينهن آهي.هن چيو ته سماج جي ترقي عورتن جي تعميري ڪردار کانسواءِ ممڪن ناهي، عورتن کي برابري جا حق فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ منصفاڻي حقن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.وزيراعظم يقين ڏياريو ته حڪومت عورتن کي تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔