سنڌ صوبي جي نئين حڪومت، پهريون اجلاس، 25هزار ڀرتين جي منظوري

ڪراچي: نئين ٺهيل سنڌ حڪومت پنهنجي پهرين اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل رات ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير طور حلف کڻندڙ سيد مراد علي شاهه اربع تي پوڻي اٺين وڳي سي ايم ايم هائوس پهتو، گارڊ آف آنر وصول ڪرڻ بعد چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات بعد پهريون اجلاس امن امان بابت منعقد ڪيو.

اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي سڄي صوبي ۾ ٽٽل ڀڳل 708 پوليس ٿاڻن جي مرمت لاءِ 2 ارب روپين جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ 108 ڪراچي جا ٿاڻا به شامل آهن. اجلاس ۾ پوليس کاتي ۾ خالي پيل 25 هزار پوسٽون ميرٽ تي ڀرڻ جي منظوري به ڏني وئي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ٿاڻن جو ڍانچو هڪجهڙو رکيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس جي گشت ڪندڙ گاڏين کانسواءِ اسٽروب/ فليش لائيٽ لڳائڻ تي پابندي هوندي. هٿيارن جي نمائش مڪمل طور تي بند ڪئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته اڄڪلهه ماڻهو هٿيارن جي نمائش ڪري ويگو گاڏين ۾ پويان هٿياربند گارڊن کي ويهاري رهيا آهن، جنهن تي پابندي هڻو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔