اسلام آباد جي ميئر پاران معطلي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: اسلام آباد جي ميئر شيخ انصر عزيز پنهنجي معطلي جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. شيخ انصر عزيز ڪرپشن جي الزامن تي 90 ڏينهن جي معطلي جي نوٽيفڪيشن کي چيلنج ڪندي وفاق، گهرو وزارت ۽ لوڪل ڪميشن کي ڌر بنايو آهي. درخواست ۾ اسدعا ڪئي وئي آهي ته 17 مئي 2020 جو گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ درخواست تي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن معطل ڪري بطور ميئر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.معطل ڪيل اسلام آباد جي ميئر چيو ته منهنجي خلاف ڪيل ڪارروائي غيرقانوني آهي. عدالت ڌرين کي هدايت ڏئي ته قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ۽ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔