پي ايس ايل 9،علي ظفر هڪ ڀيرو ٻيهر سيٽي وڄائڻ لاءِ تيار

لاهور:پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪار علي ظفر پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ترانو ڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي مشهور گلوڪار علي ظفر ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي آفيشل اڪائونٽ گردش ڪندڙ خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي آفيشل اڪائونٽ علي ظفر جي پيانو وڄائڻ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ۽ ان تي ڪيپشن ڏنو ته ”سيٽي وڄندي، ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي“،علي ظفر پي ايس ايل 2024 يعني 9هين ايڊيشن جو ترانو پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گلوڪار علي ظفر مٿين پوسٽ کي ٻيهر شيئر ڪندي پنهنجي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. علي ظفر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سيٽي به وڄندي ۽ اسٽيج به سجايو ويندو.واضح رهي ته گلوڪاره آئمه بيگ پڻ ان حوالي سان گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي هئي.پي ايس ايل جي 9هين ايڊيشن لاءِ گلوڪار علي ظفر ۽ آئمه بيگ ترانو پرفارم ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔