سنڌ ۾ تعليمي سال اپريل کان شروع نه ٿيندو: نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ نئون سال اپريل بدران آگسٽ ۾ شروع ٿيندو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ تعليمي سال آگسٽ ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ذريعن موجب 25 جنوري تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ اسڪولن کي آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي کانپوءِ اسڪول ايجوڪيشن کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ تعليمي سال 2024-25 پهرين اپريل 2024 بدران پهرين آگسٽ 2024 کان شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔