شاهه رخ خان پاران ڌيءَ سان گڏ فلم ڪرڻ کان انڪار

ممبئي: شاهه رخ خان پنهنجي ڌيءَ سهانا سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.بالي ووڊ جي ڪنگ سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي ڌيءَ سهانا خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تازو ئي بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو هو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شاهه رخ خان جي انڪار کانپوءِ سندس فلم جي نمائش غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.هدايتڪار سوجوئي گهوش جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي هڪ يتيم ڇوڪري (سهانا) جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن کي شاهه رخ خان بچايو آهي. جڏهن ته هاڻ شاهه رخ خان جي انڪار کانپوءِ فلم جي نمائش ۾ دير ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شاهه رخ خان اهو فيصلو سهانا خان جي پهرين فلم ”دي آرچيز“ تي ٿيندڙ تنقيد سبب ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان نٿو چاهي ته سندس ڌيءَ جو مقابلو ساٿي اداڪارن سان ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔