راحت فتح علي خان تشدد ڪرڻ بعد ملازم کان معافي وٺي ڇڏي، وڊيو شيئرنگ غلط حرڪت هئي: متاثر

لاهور:ملازم تي تشدد جي معاملي تي مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان معافي گهري ورتي آهي. ملازم تي تشدد ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ مشهور پاڪستاني گلوڪار راحت فتح علي خان پنهنجي شاگرد نويد حسنين سان گڏ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ راحت فتح علي پنهنجي شاگرد نويد حسنين سان گڏ بيٺل آهي

مشهور گلوڪار چيو ته هي نويد حسنين آهي جنهن جي وڊيو وائرل ٿي. اصل ۾ ٿيو ڇا هو اهو هن جي زباني ٻڌندو پر ان کان اڳ مان هن کان معافي گهران ٿو. هي منهنجو شاگرد آهي، منهنجو پٽ آهي، استاد شاگرد ۾ اهو سڀ ڪجهه هلندو رهندو آهي. مان سڀني جي سامهون نويد کان ڪيمره جي سامهون ٻيهر معافي گهران ٿو

ان کان پوءِ شاگرد چيو ته هي منهنجو استاد، پيءَ ۽ منهنجو مرشد آهي جنهن به وڊيو ٺاهي شيئر ڪئي آهي انهي اها غلط حرڪت ڪئي آهي. راحت فتح علي منهنجو پيءُ ۽ منهنجو پير آهي. پيءُ پٽ کي مارڪٽ ڪندو رهندو آهي ان ۾ ڪابه وڏي ڳالهه نه آهي. مان استاد  جي پاڻي جي بوتل جيڪا ڪنهن پير صاحب دم ڪري ڏني هئي، اها ڪنهن جڳهه تي رکي وساري ويٺو هئس جنهن جي ڪري هن مون کي مارڪٽ ڪئي

ياد رهي ته ان کان اڳ مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان جي ملازم تي بدترين تشدد جي وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ مشهور گلوڪار گوڙ ڪندي پنهنجي ملازم کان پڇي رهيو آهي ته منهنجي بوتل ڪٿي آهي ۽ ان سان گڏ ئي هن ملازم تي لتن ۽ ٺونشن جي برسات شروع ڪري ڇڏي. جڏهن ته ملازم کيس رب پاڪ جا واسطا ڏيندو رهيو وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان موقعي تي موجود ٻيا ملازم خاموش هٿ ٻڌي بيٺل هئا پر انهن راحت فتح علي کي روڪڻ جي به ڪوشش نه ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔