ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات

ڪراچي: سومر جي صبح ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ لڳيون.
گلستان جوهر، گلشن اقبال، لياقت آباد، اسڪيم 33، گلشن معمار، نارٿ ناظم آباد ۽ منظور ڪالوني ۾ تيز برسات پئي.
ان کانسواءِ ڪورنگي، لانڍي، ملير ۽ ايئرپورٽ جي ڀرپاسي هلڪو مينهن وسيو.
موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ موجب ڪراچي جي وچ وارن علائقن ۾ بوندا باندي ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔