پاڪستان مان ڪلاشن ڪوف ڪلچر ختم ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ پاران ملڪ مان ڪلاشن ڪوف ڪلچر جي خاتمي لاءِ وڏو حڪم جاري ڪيو ويو آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چوري الزام ۾ جوابدار جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته پاڪستان مان ڪلاشن ڪوف ڪلچر ختم ڪرڻو پوندو

هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ماڻهو ائين گاڏين ۾ ڪلاشن ڪوف کڻي ڪارا شيشا چاڙهي نه گهمندا آهن، اسان گهرو سيڪريٽري کي لکون ٿا ته سموريون ڪلاشن ڪوف ۽ ان جا لائسنس واپس وٺو

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اسڪول يا بازار وڃو ته ماڻهو ڪلاشن ڪوف کنيو نظر اچن ٿا، ڊڄو ٿا ته پوءِ گهرن ۾ رهو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔