مريم نواز لاهور ۾ به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي

نوازليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز اوڪاڙا جي جلسي کانپوءِ لاهور ۾ به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي

صوبائي تڪ پي پي 159 تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته شينهن کي ڪامياب ڪرايو ته توهان جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏينداسين

هن چيو ته  لاهور ۾ اسان جي دور ۾ ٿيل ڪمن جا يادگار اڄ به موجود آهن، گذريل ڪجهه سالن دوران لاهور ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو

مريم نواز وڌيڪ چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي 8 فيبروري تي ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔