تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان بيٽ واپس ملي ويو

تحريڪ انصاف کي بيٽ جو چونڊ نشان ٻيهر ملي ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس ارشد علي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کان بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو درست نه هو

اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جو پارٽي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان پنهنجي ويب سائيٽ تي لڳائڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز انور رمارڪس ۾ چيو ته هتي ڪڏهن هڪڙو ته ڪڏهن ٻيو لاڏلو بڻجي وڃي ٿو، ڪنهن جماعت کي چونڊ نشان کان ڪيئن محروم ڪري سگهجي ٿو

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ وڪيل علي ظفر عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 15 منٽن اندر پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان پنهنجي ويب سائيٽ تي نه رکيو ته توهين عدالت ٿي ويندي

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔