سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، ٿر ۾ زلزلي جا لوڏا

ڪراچي:سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي ٿيز ته ڪٿي هلڪي برسات، ٿڌ ۾ واڌ، اسڪولز ۽ آفيسز ۾حاضري گهٽجي وئي، ڪراچي ۾ ٿڌي هوائن شهرين کي سيسراٽيون ڏياري ڇڏيون.

ڪشمور، غوثپور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، خيرپور، دادو، شهدادڪوٽ، ڪنڊيارو ۽ سجاول جوڻيجو ۾ وسڪارو، پيارو اسٽيشن، قصبو، قمبر، بهرام، لالو رائنڪ، ڪريم بخش کوسو، ڪنڌرا، ڪرمپور ۽ مبارڪپور ۾ مينهن وسي پيو

صالح پٽ، ميان صاحب، همايون، مٺياڻي، پکو، داد لغاري ۽ واهي پانڌي سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو، سيءُ وڌي وڃڻ ۽ برسات سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي  ۾ به ٿڌي هوائن جو رخ، سيءَ جي لهر وڌي وڃڻ ڪري اسڪولز ۽ آفيسز ۾ حاضري گهٽ رهي.

جڏهن ته ٿر ۾ زلزلي جا لوڏا، سيءَ جا سٽيل ماڻهو خوف وچان گهرن مان نڪري آيا،  مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

علائقي واسين موجب زلزلو ايترو ته شديد هو جو گهرن جون ڀتيون ڌڏي ويون، خوف سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر ويهي رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔