مريم نواز جي اثاثن جا تفصيل جاري

لاهور:مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.

مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز پنهنجي مالياتي اثاثن ۾ لاهور مان 84 ڪروڙ 25 لک 84 هزار روپين کان وڌيڪ ايراضي ظاهر ڪئي آهي

مريم نواز پنهنجي ڀاءُ حسن نواز جي 2 ڪروڙ 89 لک روپين کان وڌيڪ جي قرضدار به نڪتي آهي. ياد رهي ته مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي. اپيل تڪ اين اي 119 تان پي ٽي آءِ اميدوار نديم شيرواني داخل ڪئي.

مريم نواز جي خلاف داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز جا اثاثا آمدني کان هڪ جهڙائي نٿا رکن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔