پرڏيهه کان ايندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: ڪورونا جي نئين قسم کي روڪڻ جي لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اين او سي اختيارين موجب ڪورونا ٽيسٽ جو فيصلو سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ جي اين وي ويرينٽ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويو ويو آهي. اختيارين موجب ايئرپوٽ تي پرڏيهه کان ايندڙ 2 سيڪڙو مسافرن جي لازمي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي ويندي. ڪووڊ ٽيسٽنگ جي لاءِ ريپڊ ڊائيگنوسٽڪ ڪٽس  صحت بابت قومي ادارو ڏيندو.

اين آءِ ايڇ موجب پاڪستان ۾ هينئر تائين ڪورونا جي نئين قسم جي اين ون جو ڪوبه ڪيس سامهون نه آيو آهي. اين سي او سي چيو آهي ته ويرينٽ جي پاڪستان ۾ پکڙجڻ جو خطرو گهٽ آهي پر ان لاءِ احتياط ضروري آهي.

جي اين ون ويرينٽ  اوميڪرون جو ذيلي وائرس آهي جيڪو ڪجهه ملڪن ۾ ڏٺو ويو. اين سي او سي صوبائي ۽ علاقائي صحت وارن ادارن کي ٽيسٽنگ وڌائڻ جو مشورو ڏنو آهي.

شهرين کي ماسڪ جو استعمال ڪرڻ، فاصلو ۽  ٻيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔