گوگل ميپس جو اُهو بهترين فيچر جنهن کي ماڻهو نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن؟

گوگل ميپس کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو استعمال ڪندا آهن ۽ ان ۾ هڪ فيچر اوهان جي تحفظ لاءِ گھڻو اهم ثابت ٿي سگھي ٿو.

گوگل ميپس ۾ اوهان پنهنجن پيارن سان لائيو لوڪيشن شيئر ڪري سگھو ٿا ته جيئن اُهي اوهان جي حوالي سان فڪرمند نه ٿين.

اهو واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام ۾ موجود لائيو لوڪيشن ٽريڪنگ جهڙو ئي فيچر آهي پر گوگل ميپس ۾ وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪم ڪندو آهي.

بس اوهان کي اوهان جي دوستن يا مائٽن کي هڪ ٻئي جي لائيو لوڪيشن ٽريڪنگ جي اجازت ڏيڻي پوندي.

لوڪيشن ٽرينگ سان گڏوگڏ اوهان ڊوائيس جي بيٽري ليول، چارجنگ تي لڳل يا پهچڻ جي امڪاني وقت جهڙا تفصيل به ڄاڻي سگھو ٿا.

فيچر کي ڪيئن استعمال ڪجي؟

اهو فيچر اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز ۾ دستياب آهي.

ان فيچر کي استعمال ڪرن لاءِ فون ۾ گوگل ميپس کي اوپن ڪريو ۽ پروفائيل پڪچر تي ڪلڪ ڪريو.

ائين ڪرڻ کان پوءِ هڪ نئين ونڊو کُلندي جتي اوهان اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪري سگھندا جن سان لوڪيشن شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا.

ان سان گڏوگڏ اوهان ان لنڪ کي ٻين ماڻهن سان شيئر به ڪري سگھندا.

هڪ ڀيرو لوڪيشن شيئر ڪرڻ کان پوءِ مائٽن يا دوستن کي لائيو اپ ڊيٽ ملندي ته اوهان ان وقت ڪٿي موجود آهيو.

لوڪيشن شيئرنگ لاءِ مخصوص  وقت جهڙو هڪ ٻن يا 24 ڪلاڪن جو تعين ڪرڻ به ممڪن آهي.

جيڪڏهن اوهان لوڪيشن ٽريڪنگ روڪڻ چاهيو ٿا ته شيئرنگ لنڪ آپشن ۾ وڃي اسٽاپ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

واٽس ايپ يا ٽيليگرام جي ابتڙ گوگل ميپس ۾ اوهان کي لوڪيشن شيئرنگ جو آپشن ٻين ايپس ۾ سينڊ ڪرڻ جي سهولت به ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔