فوج ڪنهن به اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تياري رکندي آهي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت ۽ تياري رکي ٿي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد جنرل عاصم منير پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنل ايئربيس جو دورو ڪيو ۽ ايئربيس جي آپريشنلائيزيشن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

آرمي چيف جي آمد تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سندهو سندس آجيان ڪئي.

تقريب ۾ پاڪستان ايئر فورس پاران نئون ويپن سسٽم ۽ دفاعي اثاثا شامل ڪيا ويا ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه J-10C فائٽر جهازن جي مختلف پهلوئن بابت آگاهه ڪيو.

پاڪ فضائيه جي سربراهه جديد ريڊار، ايئر موبلٽي پليٽ فارم ۽ ٻين اثاثن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هوائي فوج سائبر ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

هن چيو ته پاڪ فضائيه وطن جي دفاع کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فضائيه جي آپريشنل تيارين جي ساراهه ڪئي.

جنرل عاصم منير چيو ته هوائي فوج ۾ جديد هٿيارن جي نظام جي شموليت وڏي ڪاميابي آهي، پاڪ فضائيه خطي ۾ طاقت جي توازن کي مستحڪم ڪري رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ماڻڻ لاءِ جدوجهد ساراهه جوڳي آهي.

هن چيو ته هٿياربند فوج ڪنهن به اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت ۽ تياري رکي ٿي.

آرمي چيف غزه متاثرن لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي هوائي فوج جي اپائن جي ساراهه ڪئي.

تقريب دوران پاڪ فضائيه جي جهازن خوبصورت ايئر شو پيش ڪيو، پاڪ فضائيه جي جنگي جهازن، ايئر موبليٽي ۽ يو اي وي فليٽ شاندار اسٽنٽ پيش ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔