ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون في تولو هڪ هزار 1600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 21 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1 هزار 372 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 89 هزار 729 رپيا آهي.

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 12 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 74 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔