حسان نيازي فرار ڪيس: علي زيدي ۽ حليم عادل تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي: ڪراچي جي مقامي عدالت حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس ۾ علي زيدي ۽ حليم عادل شيخ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ سٽي ڪورٽ مان حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جي سلسلي ۾ پوليس حليم عادل شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته علي زيدي به عدالت جي روبرو پيش ٿيو

ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي حسان نيازي کي سٽي ڪورٽ کان فرار ڪرائڻ جوالزام آهي ۽ ان خلاف سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي

عدالت علي زيدي  ۽ حليم عادل شيخ مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔