فوج اسان جي آهي، پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سان به جهيڙو نه آهي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان چيو آهي ته جيڪڏهن بيٽ کان علاوه ڪوبه ٻيو نشان ملي ٿو ته وٺنداسين پر چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين. فوج اسان جي آهي ۽ پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ  سميت ڪنهن به سياسي پارٽي سان جهيڙو نه آهي.

صحافين سان ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر خان چيو ته پي ٽي آءِ کي مائنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پشاور هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جاري نه ٿي سگهيو. اليڪشن ڪميشن ذريعي پي ٽي آءِ کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته هڪ وڪيل(ن) ليگ مان وڃي ته صحيح آهي، پي ٽي آءِ مان وڃي ته گرفتار ڪيو ويندو آهي. عدليه پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته مسئلن جو حل ممڪن آهي. عدالت کي هاڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته اسان جو مطالبو اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه کان آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي هاڻ هن معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي. سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهڙن معاملن جو نوٽيس وٺي.

بيرسٽر گوهر چيو ته پلان بي ۽ سي اسان وٽ آهي. جنهن ذريعي پارليامينٽ تائين وينداسين. جيڪڏهن بيٽ کان علاوه ٻيو ڪوبه نشان ملي ٿو ته وٺنداسين پر چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن بيٽ جو نشان نه ڏنو ويو ته مخصوص سيٽن تي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔