سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو،422 فيڊر ٽرپ، بجليءَ جو وڏو بحران

ڪراچي: سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙي سبب سيپڪو جا 422 فيڊر ٽرپ، بجليءَ جو وڏو بحران، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، دادو، شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ٻين ضلعن جي ننڍن وڏن  شهرن ۾ بجليءَ جو وڏو بريڪ ڊائون جاري

 132 ۽ 66 ڪي وي جي 49 گرڊ اسٽيشنز تان بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، ميهڙ، شهدادڪوٽ، رتوديرو، ميرو خان، نئون ديرو، ڪنڊيارو، لکي غلام شاهه، پير جو ڳوٺ، ڪوٽڏيجي، چونڊڪو، ڪنب ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي جو بحران پيدا ٿي ويو

 ڳڙهي خيرو، ٺري ميرواهه، قمبر، وارهه، ڏوڪري، راڌڻ، پڊ عيدن ۽ ٻين شهرن ۾ به بجلي غائب ٿي وئي، رحماني نگر، پيارو ڳوٺ، نارا ون، رسول آباد، ڪي اين شاهه، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڪرمپور، ٺل ۽ گمبٽ جا فيڊر به ٽرپ ٿي ويا

غوثپور، بخشاپور، محرابپور، نوشهرو فيروز، همايون، پڊ عيدن ۽ ٻين شهرن کي به بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي، شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔