عمران خان سائفر ڪيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سائفر ڪيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 23 نومبر کان هينئر تائين جي ٽرائيل ڪورٽ جي ڪارروائي غيرقانوني ۽ انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي. 12 ڊسمبر تي ٽرائيل ڪورٽ سائفر ڪيس جي خلاف اسان جي درخواست کي رد ڪيو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائيل ڪورٽ جي جج آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي قلم 13(2) (3) ۾ لفظ شڪايت ڪئي. صحيح طريقي سان تشريح نه ڪئي وئي. قانون ۾ لفظ(شڪايت) جي تشريح واضح آهي. قانون موجب شڪايت جو مطلب ڪنهن الزام تي مئجسٽريٽ جي آڏو زباني يا لکت ۾ استدعا آهي جڏهن ته پوليس آفيسر جي رپورٽ جو ذڪر نه آهي. ڪرمنل پروسيجر جي قلم 4(ايڇ) ۾ به لفظ شڪايت کي واضح ڪيو ويو آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ هڪ اسپيشل قانون آهي جيڪو عام قانون کان مختلف آهي. اسپيشل لا هجڻ جي ڪري آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ کي لاڳو ڪندي قانوني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ باني جي خلاف ٻڌڻي هيٺ سائفر ڪيس ايف آءِ ۽ پوليس رپورٽ جي بنياد تي هلايو پيو وڃي. سائفر ڪيس ۾ هينئر تائين جي ڪارروائي غيرقانوني قرار ڏئي عمران خان کي بري ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔