نيلم منير زندگي جي مقصد ۽ خواب تان پردو کڻي ڇڏيو

لاهور : شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪاره نيلم منير پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي مقصد ۽ خواب تان پردو کڻي ڇڏيو آهي

فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪاره مداحن جي سوالن جا جواب ڏيڻ جو سيشن رکيو، جنهن ۾ کانئس هڪ صارف سوال ڪيو ته اوهان جي زندگي جو اهو هڪ مقصد ڪهڙو آهي

جنهن کي اڃا تائين حاصل ڪرڻ باقي آهي؟ جنهن تي نيلم منير هڪ لفظ ۾ صارف جو جواب “آخرت” ڏنو. اهڙيءَ طرح هڪ صارف سوال پڇيو ته اوهان جو خواب ڪهڙو آهي؟

جنهن تي هن جواب ڏنو ته “منهنجي ڪا دنياوي خواهش ناهي پر آخرت جي تياري ڪرڻي آهي.” آخرت جي فڪر بابت نيلم منير لکيو ته “موت بيشڪ برحق آهي، منهنجو خواب آهي ته منهنجو جنازو تمام سٺو هجي، الله جي حڪم سان مون کي جنت ۾ اعليٰ مقام ملي

الله تعاليٰ مون کي بخش ڪري، مون تي رحم فرمائي، مون کي هدايت ڏئي ۽ انهن ماڻهن ۾ شامل ڪري، جيڪي الله کي تمام گهڻو پسند آهن”

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔