چين ۽ پاڪستان ۾ معاهدو، يوآن ۾ واپار تي اتفاق

چين ۽ پاڪستان ۾ آزاد واپاري معاهدي تي نظرثاني ۽ يوآن ۾ واپار تي اتفاق ٿيو آهي.
چيني حڪومت پاڪستان طرفان موجوده آزاد واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) ۾ ترميم ڪرڻ ۽ يوآن ۾ واپاري فنانس فراهم ڪرڻ ۽ صعنت جي چرپر ۾ مدد لاءِ قرضن جي آڇ تي غور ڪري رهي آهي.
اها درخواست پاڪستان جي واپار بابت نگران وزير گوهر اعجاز چين جي دوري دوران ڪئي.
ايف ٽي اي جي تجويز ڪيل نظرثاني جو مقصد پاڪستاني شين کي چين – آسيان معاهدي کان هم آهنگ ڪندي ترجيحن کي وڌائڻ آهي.
پاڪستان چين تي به زور ڏنو آهي ته هو چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ خاص زون يا ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري لاءِ 5 بلين يوآن جي رقم رکي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔