مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس، عدالت شعيب سڊل ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس مان جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي، اڳوڻو پوليس آفيسر واجد دراني کي وهيل چيئر تي ويهاري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ شعيب سڊل، ذوالفقار احمد، ظفر اقبال ۽ ٻين اڳوڻن آفيسرن کي به طلب ڪري ورتو، وڪيل چيو ته شعيب سڊل آمريڪا ملڪ کان ٻاهر آهي کيس پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي

 ڪيس ۾ نامزد ڪراچي پوليس جو اڳوڻو سربراهه شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني ۽ ڪجهه ٻيا جوابدار فوت ٿي چڪا آهن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي فوت ٿي ويل جوابدارن جي تصديق ڪندڙ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010 ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، ڊسمبر 2010 ۾ ماتحت عدالت مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس مان 20 پوليس آفيسرن کي بري ڪيو هو، اپيل تي ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔