پ پ خلاف ماضي ۾ به اتحاد ٺهندا رهيا آهن، ٿر جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي: آصف زرداري

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جي خلاف ماضي ۾ به اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر اسان کي ان جي ڪابه پرواهه نه آهي.

اڳوڻي صدر پنهنجي تازي بيان ۾ ٿر جي عوام سان محبت جو اظهار ڪندي عظيم الشان جلسو منعقد ڪرڻ تي جيالن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته بلاول ڀٽو جو شاندار استقبال ڪري ٿر جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ٿر جي عوام پنهنجي ڀيڻ کي ناهي وساريو. ڪجهه ماڻهو اقتدار جي لاءِ اتحاد ٺاهيندا آهن. پر اسان جي لاءِ عوام ئي ڪافي آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف ماضي ۾ به اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر ان جي اسان کي ڪابه پرواهه نه آهي. پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ ڪراچي کان خيبرپختونخواهه تائين ڪاميابي حاصل ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔