تنقيد ٿيندي آهي ته پيپلز پارٽي ڊليور نٿي ڪري سگهي: بلاول

مٺي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي ته پيپلز پارٽي ڊليور نٿي ڪري سگهي، اسان ٻڌائڻ گهرون ٿا ته اسان ڊولپمينٽ تي تاريخي ڪم ڪيو آهي

مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي گذريل دور ۾ وڏا ۽ تاريخي ڪم ڪيا آهن، ماضي ۾ اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي ته پيپلز پارٽي ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي

هن چيو ته غربت ۽ بيروزگاري وڏا چيلينج آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ناممڪن کي ممڪن بڻايون

بلاول چيو ته ٿرپارڪر ۾ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت لڳايل منصوبا عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن، اسان ٿر ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي

هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جون فوتگيون گهٽجي ويون آهن، اڃا ڪم ڪرڻو آهي، ريشو اڃا به گهٽائڻو آهي

بلاول چيو ته واويلا ڪئي ويندي آهي ته پيپلز پارٽي بزنس جي خلاف آهي، اسان ثابت چڪا آهيون ته اسان ڊليور به ڪري سگهون ٿا

پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جي حڪومتي دور جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اڳتي آهي ۽ اسان ڀٽو جي منشور تحت عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔