بي لغام اسرائيل جي ڪارروائين ۾ عورتن ۽ ٻار سوڌو 11 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا : غزا ۾ 37 ڏينهن کان اسرائيلي ظلم جاري آهي، جنهن ۾ هيل تائين شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار 100 کان وڌي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جي ترجمان موجب اسرائيلي جارحيت سان 11 هزار کان وڌيڪ شهيدن ۾ 8 هزار کان مٿي ٻار ۽ عورتون شامل آهن.
اسرائيلي ڪارروائين ۾ هيل تائين زخمين جو انگ 28 هزار کان وڌي ويو آهي.
هوڏانهن صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين طبي عملي جا 192 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔