مني لانڊرنگ ۽ ايل اين جي ريفرنس ۾ صنعتڪار اقبال احمد زيڊ سميت 5 جوابدارن جي ضمانت رد

حيدرآباد جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ۽ ايل اين جي ريفرنس ۾ ناليواري صنعتڪار اقبال احمد زيڊ سميت 5 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

ضمانت رد ٿيڻ تي نيب پاران جوابدارن کي عدالتي احاطي مان تحويل ۾ ورتو ويو

ريفرنس ۾ نامزد اقبال احمد زيڊ، قاضي همايون، عاصم افتخار، فصيح الدين ۽ رفيع الدين پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ معرفت عدالت آڏو پيش ٿيا

 جوابدارن پاران عدالت کي پڪي ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، پر عدالت جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

ذريعن موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ اقبال احمد زيڊ جو پٽ ۽ ڀاءُ به شامل آهن، نيب پاران 2020 ۾ جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرايو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔