بلوچستان مان ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ ٻيو مريض ڪراچي منتقل

ڪراچي: بلوچستان مان ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ ٻيو مريض ڪراچي منتقل، صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب بلوچستان مان ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ ٻئي مريض کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو

ترجمان جو چوڻ آهي ته 35ورهين جي مريض کي سنڌ انسٽيٽيوٽ  آف انفيڪشن ڊيزيز اسپتال نيپا ۾ قائم  ڪانگو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو

صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب ڊاڪٽرن موجب مريض جي حالت خراب  آهي، بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون پيو وڃن، بلوچستان مان 17 مريضن کي  سنڌ ۾ منتقل ڪيو ويو هو، 12مريض آغا خان ۾ داخل آهن

ياد رهي ته ڪوئيٽا جو هڪ ڊاڪٽر ڪانگو ۾ فوت ٿي چڪو، سنڌ ۾ ڪانگو وائرس پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي پاران هنگامي قدم پڻ کنيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔