ڪچو شراب واپرائڻ جو انجام، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار

نواب شاهه جي مريم روڊ جي ڳاڙھي بازار  ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 2 ڀائر ۽ سندن دوست فوت ٿي ويا

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 3 نوجوان فوت ٿي ويا ، فوتين م ٻه سڳا ڀائر  ڪاشف شيخ ۽ عادل شيخ ۽ سندن دوست اسد خاصخيلي شامل آهن

اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪچو شراب واپرائڻ سبب پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔