پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 54 هزار جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي:پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو  ۽ پهريون ڀيرو 54 هزار جي حد پار ڪري ويو .

100 انڊيڪس پنهنجي بلندي جي نئين تاريخ 54 هزار 312 ريڪارڊ ڪئي پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي 124 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 53 هزار 735 تي ٿي .

اهڙيءَ ريت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 ڏينهن کان جاري واڌو ڪاروبار جي پڄاڻي جي لهر ستين ڏينهن ٽٽي پئي .

بازار ۾ اڄ 50 ڪروڙ 60 لک شيئرز جا سودا 18 ارب 25 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا .

مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 21 ارب روپيا گهٽجي 7 هزار 748 ارب رپيا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔