ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ: افغانستان جي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جاري، هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 76 رنسون ٺاهي ورتيون

ممبئي:  آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 39هين ميچ ۾ افغانستان جي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جاري آهي. افغانستان جي ٽيم سورنهن اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 76 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

ٻئي ٽيمون ڀارتي شهر ممبئي جي وانکهيڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون آهن جتي افغان ٽيم جي ڪپتاني حشمت الله شاهدي جي حوالي آهي جڏهن ته آسٽريليا جو ڪپتان پيٽ ڪمنز آهي.

ياد رهي ته آسٽريليا جي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ 7 ميچ کيڏي 5 ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ 2 ۾ کيس شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن ته افغانستان جي ٽيم به ٽورنامينٽ ۾ 7 ميچ کيڏيا آهن جن ۾ 4 ۾ کيس ڪاميابي ۽ 3 ۾ ناڪامي ملي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔