ڀارتي ميڊيا دنانير کي ”پرڻائي“ڇڏيو

ڪراچي : ڀارتي ميڊيا پاڪستاني سوشل ميڊيا اسٽار ۽ اداڪارا دنانير مبين ۽ اداڪار خوشحال خان جي ڊرامي جي سين کي سچ سمجهي ويٺي ۽ تصديق ڪرڻ کانسواءِ ٻنهي جي شادي جي خبر ڇاپي ڇڏي.
ٿيو ائين ته هڪ ڏينهن اڳ دنانير نجي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پنهنجي ڊرامي جي آخري قسط جون ڪجهه جهلڪيون شيئر ڪيون جنهن جي ڪيپشن ۾ واضح طور تي ڊرامي جو ذڪر ڪيو ويو هو، تصوير ۾ دنانير ڪنوار جڏهن ته خوشال خان گھوٽ بڻيل هو.
ڀارتي سوشل ميڊيا جي مشهور شوبز پيجز به دنانير جي شادي جي خبر لڳائي ڇڏي.
ڪجهه ڀارتي خبرن جي ويب سائيٽس تي به اداڪارا جي شادي جي خبر لڳائي وئي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا پيجز ۽ ويب سائيٽس تان ان کي هٽايو ويو.
اداڪارا وائرل هڪ پيج تي وڃي وضاحت به پيش ڪئي ۽ ڪمينٽ ڪيو. دنانير مبين لکيو ته منهنجي شادي ناهي ٿي، اهو منهنجي ڊرامي جو سين هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔