عدليه قانونسازي جو جائزو ڪڏهن وٺي سگهي ٿي؟ جسٽس منصور علي شاهه جو اختلافي نوٽ

عدليه قانونسازي جو تڏهن جائزو وٺي سگهي ٿي جڏهن اها بنيادي انساني حقن سان ٽڪراءَ ۾ هجي، عدالتن کي پاپولر سياسي بيانيي تي نه هلڻو هوندو آهي،عوامي جذبن جي خلاف وڃي ڪري به آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏيڻا هوندا آهن

نيب ترميم ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه جو 15 سيپٽمبر جي فيصلي سان اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي

27صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته عدليه کي ان وقت تائين صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي جيستائين آئيني حدن جي ڀڃڪڙي نه ٿي ٿئي، اختلافي راءِ رکندڙ ماڻهو هجوم جي رخ ۾ نه پر مستقبل جي ڏسا ۾ هلندو آهي

 درخواست گذار نيب ترميمن کي عوامي مفاد جي ابتڙ ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، مان آئين جي آرٽيڪل 8 ٻه تحت درخواست کي ميرٽ تي پورو نه لهڻ سبب خارج ڪيان ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔