اليڪشن ڪميشن ڊپٽي ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي تبديل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد کي تبديل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ ۽ آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي ٻنهي آفيسرن جي بدلي لاءِ خط  اماڻي ڇڏيو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي آفيسرن جي خلاف اليڪشن ڪميشن کي  لاڳيتيون شڪايتون ملي رهيون هيون جنهن سبب ٻنهي کي تبديل ڪرڻ جو چيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔