سنڌ ۾ پوليو وائرس جو ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي ماهرن ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ اڄ پوليو جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۽ افغانستان ئي 2 اهڙا ملڪ رهيا آهن جيڪي پوليو وائرس کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر آيا آهن.

سنڌ ۾ ڪجهه هفتا اڳ پوليو وائرس جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ماهر ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. ماهرن موجب هن سال پاڪستان ۾ هينئر تائين پوليو وائرس کان متاثر ٻارن جو انگ 4 ٿي چڪو آهي بدقسمتي سان ماڻهن ۾ آگاهي جي کوٽ ۽ حڪومت طرفان ڌيان نه ڏيڻ سبب 30 سيڪڙو ٻارن کي مڪمل حفاظتي ٽڪا نه لڳي سگهيا آهن

ڪراچي جي تقريبن هر ضلعي مان پوليو وائرس جا سيمپلز ملڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شهر جا ڪيترائي ٻار پوليو وائرس جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهن ٿا جيڪو يقينن هڪ خطرناڪ مسئلو آهي.

ماهرن موجب پوليو وائرس 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي سڄي زندگي جي لاءِ نه صرف مفلوج ڪري سگهي ٿو. پر ان جي فوت ٿيڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. اهڙا علائقا جتي صفائي جو انتظام نه هجي اتي پوليو وائرس تمام گهڻي تيزي سان پکڙجندو آهي.

ماهرن موجب پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عوام کي مڪمل ويڪسينيشن بابت شعور ۽ آگاهي ڏيڻ لازمي آهي. جڏهن ته پوليو وائرس کان مستقل ڇوٽڪاري جي لاءِ آلوده ۽ گندي پاڻي جو مسئلو به حل ڪرڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔