اسلام آباد: نگران حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پي ٽي آءِ جي سينئر مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود سان سندس رهائشگاهه تي اطلاعات بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ، سياسي پارٽين لاءِ چونڊن ۾ شرڪت جا برابري جا موقعا ۽ ٻين دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي اڳواڻن قومي سطح تي هم آهنگي ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن، اهميت ۽ ضرورت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ شفقت محمود چيو ته شفاف چونڊن لاءِ سمورين پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هڪ جهڙو ماحول ۽ موقعا ڏيڻ جي بنيادي حيثيت حاصل آهي. تحريڪ انصاف کي بنا ڪنهن شڪ جي برابري تي سياسي سرگرمين جو موقعو نه پيو ملي.
شفقت محمود چيو ته تحريڪ انصاف کي آئين ۽ قانون جي روشني ۾ چونڊ مهم هلائڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي. جڏهن ته ٻين پارٽين کي ملڪ ۾ جلسا، جلوس ڪرڻ جي کليل آزادي مليل آهي. هن چيو ته فيئر ٽرائيل ۽ انصاف تائين مڪمل پهچ کي به آزادانه ۽ منصفانه چونڊن جا حدف حاصل ڪرڻ ۾ بنيادي اهميت حاصل آهي. شفقت محمود وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف شفاف چونڊن لاءِ هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهي.
ٻئي طرف صدر عارف علوي سان تحريڪ انصاف جي اطلاعات بابت سيڪريٽري رئوف حسن ۽ بيرسٽر عمر نيازي به ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.